You are here: Home » Chapter 6 » Verse 91 » Translation
Sura 6
Aya 91
91
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ ۗ قُل مَن أَنزَلَ الكِتابَ الَّذي جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ ۖ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا ۖ وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا آباؤُكُم ۖ قُلِ اللَّهُ ۖ ثُمَّ ذَرهُم في خَوضِهِم يَلعَبونَ

۽ اُنھن (يھودين) الله جو سندس شان مطابق قدر نه ڪيو ھن ڪري جو چيائون ته الله ڪنھن ماڻھوءَ تي ڪُجھ نه لاٿو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڪتاب ڪنھن لاٿو جيڪو موسىٰ آندو ھو؟ جو ماڻھن لاءِ نُور ۽ ھدايت ھو جنھن کي اوھين جزون جزون ڪريو ٿا اُن جي ڪنھن ڀاڱي کي پڌرو ڪندا آھيو ۽ گھڻو لڪائيندا آھيو، ۽ جيڪي (ڳالھيون) نڪي اوھين ۽ نڪي اوھان جا پيءُ ڏاڏا ڄاڻندا ھئا سي اوھان کي سيکاريون ويون، چؤ ته الله (ڪتاب لاٿو آھي) وري انھن کي سندن اجائي بحث ۾ راند ڪندو ڇڏي ڏي.